صوبائي وزير امتياز شيخ کانپوءِ سعيد غني خلاف به پوليس جي ڳجهي رپورٽ سامهون اچي وئي

صوبائي وزير امتياز شيخ کانپوءِ سعيد غني خلاف به پوليس جي ڳجهي رپورٽ سامهون اچي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعيد غني جا ڏوهارين سا رابطا آهن.

آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري فيصلي کانپوءِ سنڌ سرڪار جي وڌيڪ هڪ وزير جِي رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، پوليس پاران صوبائي وزير سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ فرحان غني جي ڏوهارين سان رابطن بابت رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي.

پوليس پاران سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ جي ڏوهارين سان رابطن بابت جاري ڪيل رپورٽ به ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان ئي تيار ڪئي آهي.

پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعيد  غني جو ڀاءُ فرحان غني ڪرائي جي قاتلن ۽ منشيات فروشن جو سهولتڪار آهي، سعيد غني جِي تڪ چنيسر ڳوٺ ۾ فرحان غني ۽ حسن عرف ناٿا جو مضبوط نيٽ ورڪ آهي، حسن ناٿا صوبائي وزير سعيد غني جو ويجهو مائٽ آهي.

پوليس رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حسن ناٿا ۽ فدا جوڳي جاچ دوران فرحان سعيد سان رابطن جي تصديق ڪئي آهي، فرحان غني ڏوهارين سان لاڳيتو رابطن ۾ آهي، سندس ڪال ريڪارڊ به رپورٽ جو حصو آهي.

پوليس رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته منشيات فروشن جو ويجهو ساٿي ظهير احمد سعيد غني جي آفيس جو ملازم آهي.

پوليس رپورٽ موجب محمود آباد پوليس اسٽيشن جا اهلڪار به منشيات فروشي ۾ ملوث آهن ۽ ايڪسائز کاتي جو اهلڪار رئوف به منشيات فروشن سان مليل هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*