سنڌي ڊرامن جي ورسٽائل اداڪار گلاب چانڊيو جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي

سنڌي ڊرامن جي ورسٽائل اداڪار گلاب چانڊئي جي اڄ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي،هن سنڌي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽر ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا،سندن خدمتن عيوض کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو.

گلاب چانڊئي نواب شاهه ڀرسان شهمير چانڊئي ۾ 6 جنوري 1958 ڌاري جنم ورتو ۽ دل جي تڪليف سبب 18 جنوري 2019 ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

گلاب چانڊيو 1976 ۾ ڪراچي منتقل ٿيو ۽ خوراڪ کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪئي،بعد ۾ فوجي آمر جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ کيس نوڪري مان ڪڍيو ويو،هن ٿوري عرصي  دوران نجي ڪمپنين ۾ڪم به ڪيو،هن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي جي خلاف احتجاجي طور گرفتاري ڏني ۽ ٽن هفتن تائين جيل گهارڻ بعد سمري مليٽري ڪورٽ کي ڏنڊ ادا ڪري آزاد ٿيو.

فن جي دنيا ۾ گلاب چانڊيو  اسي جي ڏهاڪي ۾ آيو،هن مشهور اداڪارا  سڪينا سمون  سان ٻيو شخص ۾ ليڊ رول ادا ڪيو.

گلاب چانڊئي  سنڌي ڊرامن تلاش،سام، جهنگل، جياپو، مٽي جا  ماڻهو ، غلام ۽ ٻين  ۾ اهم رول ادا ڪيا،ان سان گڏ اردو سيريل زينت، روش، نوري ڄام تماچي، ٽيپو سلطان ۽ ساگر ڪا آنسون ۾ ڪم ڪيو.

هن کي ڊراما سيريل چاند گرهن ۽ ماروي مان گهڻي شهرت ملي،هن سنڌي فلمن محب شيدي ۽ دشمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

گلاب چانڊئي سياست ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻه ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*