ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب اٽي جي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب ملڪ ۾ اٽي جي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو  آهي ته 15 رپين جي ماني ۽ 20 رپين جي نان کانپوءِ اٽي جو بحران حڪومتي بدترين نالائقي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب 16 مهينا پهريان جيڪڏهن هڪ آپگهات ٿي وڃي ها ته ڪروڙين شهرين آپگهات کان بچي وڃن ها.

هن چيو ته 16 مهينن ۾ گيس جي اگهن ۾  250 سيڪڙو واڌ ٿي،هاڻ اٽو ختم ٿي ويو آهي، تندور به بندآهن،جيڪا افسوسناڪ صورتحال آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*