نوازشريف جي وطن واپسي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي،نواز شريف کي واپس ناهي اچڻو، منهنجو دوست شهباز شريف واپس ايندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته مريم نواز ۽ شهباز شريف خلاف نيب جا ٻه نوان ڪيس سامهون اچڻ وارا آهن.

شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف منهنجو ماڻهو آهي، جنهن ڪم لاءِ لنڊن ويو هو، اهو پورو ڪري واپس ايندو.

هن چيو ته مون وزيراعظم کي چيو آهي ته ميڊيا سان سرچاءُ ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري وارو معاملو  گڏيل صلاح مشوري سان ئي حل ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*