سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

پيرا ميڊيڪل عملي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ جاري احتجاج کانپوءِ وري سرڪاري اسپتالن جي اوپي ڊيز جو بائيڪاٽ شروع ڪري ڇڏيو، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ٻن ڪلاڪن تائين  او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب پري پري کان ايندڙ مريضن ۽ سندن وارثن سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. عملي جو چوڻ آهي ته سروس اسٽريڪچر، پروموشن سميت مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ جاري احتجاج تي سنڌ سرڪار پاران ڌيان نه ڏيڻ سبب هو ٻيهر اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته او پي ڊيز جي بائيڪاٽ سبب پري پري کان ايندڙ مريضن ۽ سندن وارثن سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*