عمران خان جا مالي مددگار اٽي جي بحران جا ذميوار آهن: نفيسه شاهه

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته عمران خان جا مالي مددگار اٽي جي بحران جا ذميوار آهن، وزيراعظم جو ڌيان رڳو سياسي مخالفن کي چٿڻ تي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ نفيسه شاهه چيو ته آصف علي زرداري هڪ سال اڳ ماڪڙ جي خطري کان آگاهه ڪيو هو، پر حڪومت فوري نوٽيس نه ورتو جنهنڪري زراعت جو وڏو نقصان ٿيو.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته حڪومت معاملي جو نوٽيس وٺي ها ته هارين جون زرعي زمينون نه اجڙن ها، ماڪڙ جي متاثرن جو ازالو ڪيو وڃي نه ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*