پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي وئي آهي: ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل تازا رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل 2019 ۾ ڪرپشن  بابت رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي عمران خان جي حڪومت ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي آهي

برلن مان جاري رپورٽ مطابق  2018 جي ڀيٽ ۾ 2019 دروان پاڪستان ۾ ڪرپشن انڊيڪس 33 هو، جيڪو 32 ٿي ويو آهي،ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جي 180 ملڪن ۾ پاڪستان جي رينڪ 120 ٿي وئي آهي.

ٽرانسپرنسي مطابق 2019 ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ ڊنمارڪ جو اسڪور به هڪ پوائنٽ گهٽجي 87 تي پهتو،آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ ڪيناڊا  جو اسڪور به گهٽجي ويو.

رپورٽ مطابق آمريڪا جو اسڪور ٻه، برطانيا، فرانس جو چار ۽ ڪيناڊا جو ڪرپشن جي خاتمي  جو اسڪور به چار درجا ٿي ويو،امير ملڪ به ڪرپشن جي خاتمي ۾ پوئتي رهيا.

ڪرپشن روڪڻ لاءِ ڏنل سفارشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  سياست ۾ گهڻي پئسي ۽ اثر رسوخ  کي گهٽايو وڃي، بجيٽ ۽ عوامي سهولتون ذاتي مقصدن ۽ مفادن  رکندڙ ڌرين جي هٿ ۾ نه ڏنيون وڃن،ملازمن جي ڀرتين جي طريقئڪار ۾ به تبديلي ڪرڻي پوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*