ڪابه ڊيل ناهي ٿي رهي، اپوزيشن ليٽي پئي آهي: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪا به ڊيل نه ٿي رهي آهي، سموري اپوزيشن ليٽي پئي آهي،2020 نين چونڊن جو نه پر ترقي جو سال آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف جي ملڪ ۾ ڪابه ضرورت ناهي،هن کي لنڊن ۾ مزا ڪرڻ ڏيو،هن رڳو لنڊن ۾ ٻه چار ڪوٽ خريد ڪيا آهن، ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي.
هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ملڪ ۾ ڪرپشن وڌڻ بابت رپورٽ غلط آهي، اها ڪوڙ جو ڀنڊار آهي،عمران خان جي ايمانداري جو مان قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان.
شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ افواهن جو دور هلي رهيوآهي، عمران خان عثمان بوزدار سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو بحران آيو آهي، جنهن تي ڪابينا ۾ آواز اٿاريندس.
هن چيو ته آءِ ايم ايف مجبوري ۽ ضرورت بڻجي چڪو آهي، ايندڙ پنجن سالن اندر معاشي بحران ختم ٿي ويندو.
شيخ رشيد چيو ته مون ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ جي مخالفت ڪئي هئي،کنڊ جي بحران جون ذميوار فيڪٽريون آهن.موثر پرائس ڪميٽيون اگهه تي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*