عوام جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ واري خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام جي حقن جو تحفظ اسان جِي ذميواري آهي، حڪومت ميڊيا ورڪرز جِي جدوجهد ۾ساڻن گڏ آهي،اسلام آباد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته فوتي ڪئمرامين جي خاندان جي بينظير انڪم سپورٽ ۽ ڪفالت پروگرام ذريعي به مالي مدد ڪئي ويندي. خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ دل جَي دوري سبب فوت ٿيل نجي ٽي وي جي ڪئمرامين جي وارثن کي 10 لک رپيا امداد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. واضح رهي ته 2 ڏينهن پگهار گهرڻ تي برطرفي جو نوٽيس ملڻ کانپوءِ نجي ٽي وي جو ڪئمرامين دل جي دوري سبب ٿي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*