پاڪستان ٻئين ٽي20 ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

  

پاڪستان ٻئين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ به بنگلاديش کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نان ڪري ورتي آهي

 لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ٽن مئچز تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئين مئچ دوران بنگلاديش پاران پهريان بيٽنگ ڪندي 137 رنز جو هدف ڏنو ويو.

بنگلاديش جي بيٽسمين تميم اقبال 65 رنز جي اننگ کيڏندي پنهنجي ٽيم کي سٺو اسڪور تائين پهچائڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪيو.

مهدي حسن 9،ليتن داس 8،محمد الله 12 ۽ عفيف حسين 21 اسڪور ڪري سگهيا.

 پاڪستاني ٽيم ڄاڻايل هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي  16 اوورز چئن بالز تي ئي پورو ڪري ورتو.

پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم 66 ۽ محمد حفيظ 67 رنز جي شاندار اننگ کيڏي.

پاڪستاني بيٽسمين احسن علي بنا ڪنهن اسڪور جي پويلين ڀيڙو ٿي ويو.

پاڪستاني بالر محمد حسنين 2، شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ شاداب خان هڪ- هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*