ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيپٽر ڪرپشن رپورٽ جي وضاحت بيان اچي ويو

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پاڪستان چيپٽر ڪرپشن رپورٽ جي وضاحت ڪندي ڄاڻايو آهي ته رپورٽ ۾ اهو نه چيو ويو آهي ته 2019 دوران پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي.

ٽرانسپرنسي پاڪستان چيپٽر جي چيئرمين سهيل مظفر ڄاڻايو آهي ته  حڪومت پاران ڪرپشن جي خلاف جوڳا قدم کنيا ويا آهن.

سهيل مظفر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جو اسڪور هڪ درجو هيٺ وڃڻ  ڪرپشن ۾ اضافي يا گهٽتائي  جي نشاندهي نٿو ڪري.

هن چيو ته غلط انگ اکر پيش ڪري پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سهيل مظفر چيو ته موجودهه حڪومت ۾ نيب جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*