بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ٽوئٽر تي هيش ٽيگ آسڪ ايس آر ڪي سيشن رکي ڇڏيو

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ٽوئٽر تي هيش ٽيگ AskSRK جو هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ سڄي دنيا مان سندس مداحن هيش تيگ جو استعمال ڪندي کانئس سوال ڪيا. هن سيشن شروع ڪندي لکيو ته مونکان رڳو 20 سوال پڇو ڇو ته ان کانپوءِ مونکي شيو ڪرائڻي آهي. سيشن ۾ مداحن کانئس دلچسپ سوال پڇيا. سيشن ۾ هڪ مداح کانئس بنگلي منت بابت سوال پڇيو ته منت ۾ هڪ ڪمري جو ڪرايو ڪيترو لڳندو؟ شاهه رخ خان جواب ۾ لکيو ته 30 سالن جي محنت ڪرڻي پوندي. خيال رهي ته ڪنگ خان پنهنجي گهر کي منت جو نالو ڏنو آهي جيڪو سندس موجب واقعي سندس منت آهي. ڇو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ شاهه رخ خان پڻ سان واعدو ڪيو هو ته هڪ ڏينهن هو ممبئي ۾ اهڙو گهر ٺاهيندو جيڪو شاندار هوندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*