بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور کي فلم جوڪر جي ڪردار ۾ تصوير ڇو شيئر ڪئي

بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور کي بلاڪ بسٽر هالي ووڊ فلم جوڪر جي ڪردار ۾ تصوير شيئر ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويو. سماجي رابطي جي ويب اسئيٽ تي اداڪار تصوير شيئر ڪندي لکيو ته “منهنجو نالو جوڪر” تصوير تي مداحن سندس مذاق اڏائيندي کيس اصل جوڪر قرار ڏنو ۽ ساٿي اداڪارائن به مٿس تنقيد ڪئي. اداڪارا پرنيتي چوپڙا پنهنجي ڪمينٽ ۾ لکيو ته حرڪتون به جوڪر جهڙيون آهن. ٻين مشهور شخصيتن به سندس تصوير تي رد عمل ڏنو. ڪترينا ڪيف تصوير جي تعريف ڪئي، فرح خان سوال ڪيو ته پر نالو جوڪر ڇو آهي؟ صارفين ارجن جون ميمز به ٺاهي رهيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*