ڀارت جي مشهور اداڪارا ميرا چوپڙا پاڪستاني اداڪارا صبا قمر جي اداڪاري جي تعريف ڪري ڇڏي

ڀارت جي مشهور اداڪارا ميرا چوپڙا پاڪستاني اداڪارا صبا قمر جي اداڪاري جي تعريف ڪري ڇڏي.ميرا چوپڙا هڪ ٽوئٽ جي ذريعي اداڪارا صبا قمر جي اداڪاري تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اداڪارا لکيو آهي ته مون پاڪستان جو بهترين شو جنهن جو نالو(باغي) آهي هاڻ ڏسي ختم ڪيو آهي. ميرا ڇوپڙا وڌيڪ لکيو آهي ته حيران آهيان ته ٽوئٽر تي ڪنهن به مون کي ان شو کي ڏسڻ جي راءِ نه ڏني. ان جي ڪهاڻي تمام بهترين آهي. ميرا چوپڙا صبا قمر جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته ان جي باري ۾ ڇا لکان ان جي ته ڳالهه ئي جدا آهي. واضح رهي ته اداڪارا صبا قمر پنهنجي بهترين اداڪاري جي ڪري پاڪستان سان گڏوگڏ سرحد پار به مشهور آهي. صبا قمر پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي اداڪاري سان فلمن ۾ چار چنڊ لڳايا آهن.
پر هن بالي ووڊ ۾ به پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي.صبا قمر 2017 ۾ ڀارتي فلم(هندي ميڊيم) ڪئي هئي جنهن ۾ ان سان گڏ ڀارتي اداڪار عرفان اداڪاري ڪئي هئي. اداڪارا تازو ئي سرمد کوسٽ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ڪملي ۾ اداڪاري ڪري رهي آهي جيڪا جلد سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*