ترڪي جي اوڀر وارن حصن ۾ طاقتور زلزلي سبب 29 ماڻهو فوت ٿي ويا

ترڪي جي اوڀر وارن حصن ۾ طاقتور زلزلي سبب 29 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، ترڪي جي ميڊيا رپورٽس موجب شديد زلزلي سبب درجنين عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملبي ۾ دٻيل آهن، ڊيزاسٽر اينڊ مئنيجمنٽ عملدارن موجب زلزلي جو مرڪز اليزگ جو علائقو هو، جنهن جي گهرائي 6 ڏهائي 7 ڪلو ميٽر هئي، زلزلي جا جهٽڪا شام، جارجيا ۽ ارمينيا ۾ به محسوس ڪيا ويا، ريسڪيو ٽيمن شديد ٿڌ جي موسم باوجود امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيا آهن، ترڪي جي دفاع واري وزير جو چوڻ آهي ته امدادي ڪمن جي لاءِ فوج کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي، زلزلي جي ڪري سوين ماڻهو بي گهر به ٿي ويا آهن ۽ مواصلات جو نظام به بري طرح سان متاثر ٿيو آهي، ترڪي جي وزير صحت زلزلي جي ڪري 29 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن سوين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان زلزلي جي ڪري ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ تمام ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*