پاڪستان جي ڪوششن سان ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي:پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي ڪوششن سان ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ايران، سعودي عرب ۽ آمريڪا جا دورا ڪيا،ڪجهه ڏينهن پهريان جيڪا ڇڪتاڻ هئي، هاڻي اها ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي قدمن سبب سندس مڪروهه چهرو سموري دنيا ۾وائکو ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جو بنا فرق جي احتساب اسان جي پاليسي آهي،. هن وڌيڪ چيو ته  فيبروري واري ڏينهن يوم ڪشمير وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*