چين مان شروع ٿيندڙ خوف جي علامت ڪرونا وائرس ٻين ملڪن تائين پکڙجي ويو

خوف جي علامت بڻجي ويل ڪرونا وائرس اٽلي، آمريڪا، جاپان، آسٽريليا ۽ هانگ ڪانگ سميت 23 ملڪن تائين پکڙجي ويو، وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 258 ٿي ويو.

چين ۾ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ  60 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 258 ٿي ويو، چين جي هوبئي صوبي ۾ 1300 ۽ ٻين شهرن ۾ 3 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ به 10 هزار کان وڌي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري عالمي اداري گلوبل ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اٽلي ۾ به ڪرونا وائرس جا 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن،

 اٽلي ۽ آمريڪا جي 3 ايئرلائين سروسز چين لاءِ اڏامون بند ڪري ڇڏيون، وائرس دنيا جي 23 ملڪن تائين پکڙجي ويو، روس چين لاءِ سرحد بند ڪري ڇڏي، آمريڪا چين ڏانهن سفر کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي ايڊوائيزري فور ليول جاري ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*