صحت جي وفاقي وزارت سگريٽ ڇڪڻ خلاف انقلابي اعلان ڪري ڇڏيو

صحت  جي وفاقي  وزارت   سگريٽ ڇڪڻ خلاف وڏو انقلابي  اعلان ڪري ڇڏيو، وزارت سگريٽن جي اشتهارن، اسپانسرشپ ۽ انعامي اسڪيمن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

صحت جي وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن مطابق سگريٽن جي اشتهارن ۽ اسپانسرشپ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

صحت جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا مطابق سگريٽن جا اشتهار اسڪرين تي ڏيکارڻ غير قانوني قرار ڏنا ويا آهن.

هن مطابق ٿيٽر۽سينيما اسڪرين تي  به سگريٽن جا اشتهار ڏيکاري  نه سگهبا.

ڊاڪٽر ظفر مرزا ڄاڻايو ته سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڪنهن به دوڪان جي اندر يا ٻاهر  ڪوئي اشتهار لڳائي نه سگهنديون،جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي ذريعي  تماڪ جي مصنوعات  جي اشتهار  تي به پابندي لاڳو هوندي.

خاص معاون جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو  هڪ لک 66 هزار  شهري سگريٽ ڇڪڻ سبب موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*