آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو: وڏي وزير وزيراعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ جي تبديلي لاءِ وزير اعظم عمران خان کي ٽيون خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪليم امام جو  غير سنجيده ۽ غير مهذب رويو سنڌ ۾ نفرتن کي هٿي ڏيڻ سان گڏ سنڌ حڪومت جي توهين آهي، کيس فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي، آءِ جي سنڌ جي تبديلي بابت وفاقي ڪابينا جو فيصلو 1993 واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي،  سنڌ حڪومت پاران اماڻيل پنجن نالن مان ئي ڪنهن هڪ آفيسر کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ جي بدلي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي ٽيون ڀيرو خط لکي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير خط ۾ چيو آهي ته توهان سان گورنر هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران آءِ جي سنڌ جي تبديلي تي اتفاق ٿيو هو پر پوءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا ذريعي خبر پئي ته آءِ جي سنڌ جي بدلي لاءِ گورنر سان مشاورت  جو شرط رکيو ويو آهي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*