وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي ملائيشيا ويندو

 

 

 

 

وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي ملائيشيا ويندو، وفاقي وزيرن جو وفد به وزير اعظم سان گڏ هوندو.

ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان سڀاڻي  ٻن ڏينهن جي دوري تي ملائيشيا وڃي رهيو آهي، جتي هو پنهنجي هم منصوب مهاتير محمد سان ملاقات ڪندو.

وزيراعظم جي دوري دوران  پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مختلف ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وينديون، وزيراعظم جي مهاتير محمد سان نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان ، ملائيشين هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو.

وزيراعظم جي ملائيشيا جي دوري سبب وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي نه سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*