ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، ايف بي ايريا ۾ ڪارروائي دوران هڪ گهر مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ  ڪيا ويا ، ڪارروائي دوران 60 دستي بم، 10 ڊيٽونيٽر، ايس ايم جيز رائيفلز، آٽوميٽڪ بندوقون، سوين رائونڊ گوليون، سيٽلائيٽ فون ۽ 2 پاسپورٽ  به هٿ آيا، ڪارروائي دوران ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو .

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي شهر کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو، فيڊرل بي ايريا ۾ هڪ گهر ۾ ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا باورد هٿ ڪيا ويا.

قانون لاڳو ڪندڙ ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي دوران هڪ گهر مان  60 دستي بم، 10 ڊيٽونيٽر، ايس ايم جيز رائيفلز، آٽوميٽڪ بندوقون، سوين رائونڊ گوليون، سيٽلائيٽ فون ۽ 2 پاسپورٽ  به هٿ ڪيا ويا.

پوليس موجب هٿيار ڪراچي ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻا هئا، ڪارروائي دوران ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد جوابدارن کي به سوگهو ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*