پاڪستان ۾ اڄ کان ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ۽ اسڪريننگ ڪري سگهبي

پاڪستان ۾ اڄ کان ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ۽ اسڪريننگ ڪري سگهبي، حڪومت ٿرڪول منصوبي تي ڪم ڪندڙ 700 چيني شهرين  کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو، ذريعن موجب چين ويل عملي جي واپسي ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان مشروط ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا موجب ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ۽ اسڪريننگ لاءِ ڪِٽس گهرايون ويون آهن، جن ذريعي اڄ کان ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ واريون ڪٽس نه هئڻ سبب سيمپل ٽيسٽ لاءِ ٻين ملڪن ۾ اماڻيا ويندا هئا

وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس پکڙجڻ واري خدشي سبب ٿرڪول منصوبي تي ڪم ڪندڙ 700 چيني شهرين  کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ عملو موڪل تي چين ويل هو، هاڻ سندن واپسي ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان مشروط ڪئي وئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*