پاڪستاني سفير نغمانه هاشمي چيو ته 4 پاڪستانين  ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي

چين ۾ پاڪستاني سفير نغمانه هاشمي  چيو آهي ته ڪرونا وائرس  کان متاثر چين جي صوبي ووهان ۾ پاڪستاني شاگردن جو تعداد 800 آهي، ووهان ۾ سمورا شاگرد خيريت سان آهن، کاڌي پيتي جو ڪوبه  مسئلو ناهي.

جاري ڪيل بيان ۾ سفير نغمانه هاشمي چيو ته 4 پاڪستانين  ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي، متاثر صحتياب  ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪوشش آهي ته چين  ۾  ڪنهن به شاگرد کي تڪليف نه ٿئي،ائين ناهي ته  پاڪستاني سفارتخاني ۾ فون اٽينڊ نه پيو ٿئي،نمبر مصروف ٿي سگهي ٿو.

چين ۾ پاڪستان جي سفير  نغمانه هاشمي چيو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي علاج جي ڪابه سهولت ناهي، انڪري پاڪستانين کي چين ۾ روڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*