آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس، احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروي تائين ملتوري ڪري ڇڏي

سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي صوبائي وزير اويس قادر شاهه جي ڀاءُ جنيد قادر شاهه جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

احتساب عدالت پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد ۽ سندس ڀائٽي صوبائي وزير اويس قادر شاهه سميت 18 جوبدارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران خورشيد شاهه کي ايمبولينس ذريعي اين آءِ سي وي ڊي مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار جنيد قادر شاهه عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جنيد قادر شاهه ملڪ کان ٻاهر آهي، جيڪو پهرين مارچ تي پاڪستان پهچي ويندو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيندو.

عدالت پيش نه ٿيڻ تي اويس قادر شاهه جي ڀاءُ جنيد قادر شاهه جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي  18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڪي پي ۾ 4 آءِ جي تبديل ٿي ويا  آهن پر، سنڌ ۾ هڪ آءِ جي تبديل نه ٿيڻ خطرناڪ ڳالهه آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي آڻيندڙ حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون نه ڪري رهي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته عمران خان چيو هو ته ملڪ ۾ روزانو 12 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هاڻي اها ڪرپشن نٿي ٿئي ته پوءِ رقم ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي.

صحافي پاران خورشيد شاهه کان سندس ضمانت بابت سوال ڪرڻ تي سندس چوڻ هو ته هن جو معاملو الله تعاليٰ وٽ آهي، مالڪ ساڻس انصاف ضرور ڪندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*