باقراڻي ۾ وحشي جوابدار پاران زال تي ڪهاڙين جا وار ڪرڻ دوران هنج مان ٻارڙو ڪري فوت

باقراڻي ڀرسان وحشي جوابدار پاران زال تي ڪهاڙين جا وار ڪرڻ دوران هنج مان ڪري زخمي ٿيل معصوم ٻارڙو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ڳوٺ حڪيم سنڌيلو ۾ وحشي جوابدار پاران زال کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪرڻ دوران ماءُ جي هنج مان ڪري زخمي ٿيل ٻارڙو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

جوابدار علي سنڌيلو گهر هلڻ کان انڪار ڪرڻ تي زال ساديا کي ڪهاڙيون هنيون ته عورت جي هنج مان ٻن مهينن جو ٻارڙو عبدالرحمان سنڌيلو ڪري زخمي ٿيو هو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*