پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ پنج فيبروري تي والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان ايڪتا جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ، ڏينهن جي شروعات سموري ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي  اختيار ڪري ڪئي وئي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڏاڍ جي خلاف پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان ايڪتا  جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ان موقعي تي صبح جو 10 هين وڳي کان سائرن وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

ڪشميرين سان ايڪتا جي مرڪزي تقريب مظفر آباد  ۾ ٿي، ان سلسلي ۾ سموري ملڪ ۾ ريلين جو سلسلو به جاري آهي.

آزاد ڪشمير جي شهر مظفر آباد لڳ ڪاهولا پل تي هٿ هٿ ۾ ڏئي ريلي ڪڍي وئي.

اڄوڪي ڏينهن تي سمورو عوام پنهنجن مظلوم ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ  هڪ آواز آهي،جڏهن ته مختلف تقريبن ۾ قابض سيڪيورٽي فورسز جو مک وائکو ڪيو  پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي ملهائڻ لاءِ زنجير ٺاهي وئي،ريلي ۾ ناليوارين شخصيتن،ٽي وي چينلز جي اينڪرز ۽ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان اڄ مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*