ڪشمير ڏهاڙِي تي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا پيغام

وزيراعظم عمران خان  چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي،ڀارت والاريل ڪشمير تي غير قانوني ڪڙو  چاڙهي ڇڏيو آهي

ڪشميرين سان ايڪتا جي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته هزارين ڪشميري نوجوانن کي حراستي مرڪز ن ۾ رکيو ويو آهي

هن چيو ته ڀارت 80 لک ڪشميرين کي 9 لک فوج هٿان يرغمال بڻايو،عالمي برادري ڀارتي فوج جو غيرقانوني اختيار ختم ڪري.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان، ڪشميرين سان هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو،پاڪستان پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

وزير اعظم مطالبو ڪيو ته ڀارت غيرقانوني ۽ هڪ طرفا قدم واپس وٺي ۽  ڀارت جي ڪارن قانونن کي هڪدم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ اڳرائي ۽ ظلم ڪري رهيو  آهي،ڪشميرين جا حق کسي طاقت جو انڌاڌند استعمال ڪيو ويو.

ڪشميرين سان ايڪتا جي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ آرمي چيف چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته لکين ڪشميرين کي قيد ڪيو ويو آهي،دنيا جو ضمير جنجهوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

آرمي چيف چيو ته هن ڀيري پنج فيبروري  وڌيڪ جوش ۽ جذبي  سان ملهائي پئي وڃي.

هن چيو ته مستقل مزاجي سان ڀارتي ڏاڍ جو مقابلو ڪندڙ ڪشميرين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

آرمي چيف چيو ته ڪشميري گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ پنهنجو حق خوداراديت  حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حق خوداراديت خاطر بدترين ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪندڙ والاريل ڪشمير جي عوام کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهر، گهٽي ۽ گهر اڄ هڪ آواز آهي، اسين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي ڏهاڙي تي ڪشمير جي هزارين شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته پنهنجي خود اراديت واري حق خاطر بدترين ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميري عوام کي سلام آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي ٺهران ۾ آهي، عالمي برادري ڪشمير جي حل طلب معاملي تي پنهنجي ذميواريءَ کان وڌيڪ منهن نٿي موڙي سگهي.

پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو هر شهر، گهٽي ۽ گهر اڄ هڪ آواز آهي، اسين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهيون، پاڪستاني قوم جو چٽو موقف آهي ته ڪشمير اسان جي ڪرنگهي جي هڏي ۽ اڻٽُٽ حصو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*