آرمي ميوزيم راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي پائليٽس کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب ٿي

آرمي ميوزيم راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي پائليٽس کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ فرانس جي ڪوهه پيما کي ريسڪيو ڪندڙ پائليٽس کي فرينچ ايوارڊز سان نوازيو ويو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي ميوزم راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي ايويئيشن جي هوابازن کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ساحر شمشاد ۽ فرينچ ڪمانڊر سميت ٻين فوجي آفيسرز شرڪت ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب تقريب ۾ فرينچ جوائنٽ فورس جي ڪمانڊر پاڪ فوج جي پائليٽس کي فرنچ نيشنل ڊفينس برانز جي ميڊلز سان نوازيو.

ترجمان موجب پاڪ فوج جي پائليٽس 2018 ۾ ناگا پربت مان فرانس جي ڪوهه پيما مس ايلزبيٿ کي ريسڪيو ڪيو هو.

پاڪ فوج جي هوابازن فرانس جي سفارت خاني جي درخواست تي  فرنچ ڪوه پئمانن کي ناگا پربت جي پهاڙن تان ريسڪيو ڪيو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*