وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي ڪرپٽ ماڻهن سان سرچاءَ لاءِ نه چئو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي ڪرپٽ ماڻهن سان سرچاءَ لاءِ نه چئو، منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي،گهر کي کاٽ هڻندڙن سان دوستي ٿي نٿي سگهي، جمهوريت پسند آهيان، جمهوري نظام ۾ يقين رکان ٿو.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اولهه ۾ انڪري خوشحالي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي جمهوري نظام آهي.

هن چيو ته جمهوريت ڪيتري به خراب هجي، اها آمريت کان سٺي هوندي آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جيتري وڌيڪ جمهوريت هوندي، ايتري وڌيڪ خوشحالي ايندي، خوشحال ملڪن وٽ شفاف نظام آهي.

هن چيو ته مودي جي پنج آگسٽ جي قدمن کانپوءِ ڪشمير جي آزادي يقيني بڻجي وئي آهي، منهنجو ايمان آهي ته جلد ڪشمير آزادي ماڻيندو.

وزيراعظم چيو ته ڪشميرين کي چوان ٿو ته هو  مايوس نه ٿين، ڪشمير جلد آزاد ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ کي ٽي ڀيرا ڪشمير معاملي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي،خبر آهي ته ڪشمير مسئلي جي حمايت تي اولهه جي ملڪن تي ڪهڙا اثر پوندا.

ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ته وزير اعظم فاروق حيدر  سندس استقبال ڪيو.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*