راجا فاروق حيدر چيو آهي ته  ڪشمير تڪرار  تي آمريڪي ٽياڪڙي جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو آهي ته  ڪشمير تڪرار  تي آمريڪي ٽياڪڙي جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا،آمريڪي ٽياڪڙي ڪشميرين جي حق ۾ ٿي ئي نٿي سگهي.

قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم فاروق حيدر چيو ته آمريڪا جي ٽياڪڙي فلسطين  سان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو سڀني ڏٺو.

هن چيو ته پاڪستان ڏکيائن جي باوجود ڪشمير سان گڏ بيٺو آهي، ڪشميري پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن.

راجا فاروق حيدر چيو ته پاڪستان  ۾ قومي اتفاق راءِ پئدا ڪئي وڃي، پنهنجو دامن کوليو، وزيراعظم عمران خان پاڻ کي مٿي ڪري، پاڻ ۾ اتفاق راءِ پئدا ڪري.

هن چيو ته ورڇ هاڻ گهڻي ٿي وئي، هاڻ ان مان ٻاهر نڪرو، قومي اتحاد ۽ اتفاق راءِ سان ورڇ مان ٻاهر نڪري سگهون ٿا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*