ڪاليجي پرنسيپالز تعليم واري وزير جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا

ڪاليجي پرنسيپالز تعليم واري وزير جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، ڪٿي به صبح سوير اسيمبلي نه ٿي سگهي

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن سميت صوبي جي ڪاليجز اندر به صبح سوير اسيمبلي ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو هو.

صوبائي وزير جي اعلان کانپوءِ تعليم کاتي پاران گذريل ڏينهن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سنڌ جي سمورن ڪاليجز ۾ صبح سوير اسيمبلي لازمي قرار ڏني وئي هئي.

ڪاليجز جي پرنسپيالز پهرين ڏينهن ئي صوبائي وزير جي حڪمن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، ڪنهن به ڪاليج اندر صبح سوير اسيمبلي نه ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*