ڪراچي ۾ ظالم پيءُ جو ڌيءَ تي وحشياڻو تشدد

ڪراچي ۾ پٿر دل پيءُ پاران سر عام ڌيءَ تي وحشياڻي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، عورتن جي سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به نوٽيس نه ورتو.

ناظم آباد جي علائقي جهانگيرآباد ۾ پٿر دل پيءُ پاران گهر سامهون گهٽيءَ ۾ ڌيءَ تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود سنڌ ۾ عورتن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ کاتي، آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن خاموشي اختيار ڪري ورتي.

شهرين ناريءَ تي پيءُ پاران تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*