راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

آءِ ايس پي آر موجب راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن دوران خطي جي صورتحال ۽ قومي سلامتي وارو معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڀارت طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙين ۽ بيان بازي وارن معاملن جو به جائزو ورتو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن کي غير ذميواراڻو رويو قرار ڏنو ويو ۽ ڪنهن به مهم جوئي کي هر قيمت تي ناڪام بڻائڻ واري عزم جو به اظهار ڪيو ويو.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ڀارتي جبر ڪشميرين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهي، ڪشميرين جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي.

آرمي چيف چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آزادي ضرور ماڻيندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*