ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ

اسلام آباد جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد جي منشيات جي خاتمي واري عدالت جي جج واجد علي ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران علي موسيٰ گيلاني ۽ شريڪ جوابدار ملڪ زنير عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

منشيات جي خاتمي واري عدالت جي جج واجد علي پ پ اڳواڻ يوسف رضاگيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني ۽ شريڪ جوابدار ملڪ زنير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*