وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات

وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم جي خدشن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اسد عمر ۽ گورنر عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي  جنهن دوران سندن خدشا ختم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ انهن ۾ اڳڀرائي به ٿي رهي آهي تمام جلد معاملا حل ٿي ويا.

گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم وارن جا مسئلا حل ٿي ويا آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان جلد ڪابينا ۾ شامل ٿيندي.

ان موقعي تي متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته هو اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ نه پر ملاقات ڪرڻ ويا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*