صدر عارف علوي سان بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ملاقات

صدر عارف علوي سان بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان راندين لاءِ پرسڪون ملڪ آهي، اميد ته ٻئي ٽيمون سٺي راند پيش ڪنديون.

پاڪستان ۽ بنگلاديش ٽيمز جي ايوان صدر پهچڻ تي صدر عارف علوي مهمانن جي آجيان ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، اميد آهي ته ٻئي ٽيمون سٺي راند پيش ڪنديون ۽ عوام کي بهتر ميچ ڏسڻ لاءِ ملندي

صدر چيو ته ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ جو شوقين رهيو آهيان، پاڪستان ۾ڪرڪيٽرز کي هيروز جو درجو  ڏنو ويندو آهي.

صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت ۽ مهمان نواز ملڪ آهي، اميد ته مهمان ٽيم جو دورو خوشگوار رهندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*