لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران نوجوان فوت ٿيڻ وارو معامرو

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران نوجوان فوت ٿيڻ تي وارثن ڊاڪٽرز تي لاپرواهي جو الزام مڙهيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن موجب نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال آندو هو، جتي غلط انجيڪشن لڳائڻ بعد هو فوت ٿيو.

فوتي نوجوان جي وارثن قدير ميراڻي، ظهير ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش اسپتال آڏو رکي ڌرڻو هنيو.

وارثن چيو ته نوجوان ارشاد ميراڻي کي علاج لاءِ اسپتال آندو هو، جتي غلط انجيڪشن لڳائڻ بعد هو فوت ٿيو.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*