مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف معيشت جي تباهي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف معيشت جي تباهي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرپٽ نالائق حڪومت جي آءِ ايم ايف کان 800 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي هدف ۾ گهٽتائي جي خيرات معاشي تباهي جو اعلان آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ملڪي تاريخ جو وڏو خسارو ساڍا 9 سيڪڙو ملڪ ۽ قوم جي بربادي جو سامان ۽ خراب خبر آهي.

 شهباز شريف چيو ته مالي کوٽ خبردار ڪري رهي آهي ته ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض ۽ مهانگائي جو خوفناڪ طوفان اچي رهيو آهي.

هن چيو ته حڪومت ترقياتي بجيٽ ۽ انڪم سپورٽ پروگرام تي ڌاڙو هنيو آهي, جڏهن ته معاشي سرگرمين جي ماٺار لکن چلهن کي وسائي ڇڏيو آهي ۽ عوام کي غربت جي جهنم ڏانهن ڌڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اٽي ۽ ڪڻڪ جو بحران هيٺان کان نه پر مٿئين سطح کان پئدا ڪيو ويوآهي، حڪومت جا حواري غريبن جا کيسا خالي ڪري رهيا آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*