سانگهڙ ويجهو 6 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي ڄنگهه ڪمزور ٿيڻ سبب پوليو جو شڪ ظاهر

سانگهڙ ويجهو 6 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي ڄنگهه ڪمزور ٿيڻ سبب پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي ٻارڙي جا جزا حاصل ڪيا، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اسٽون چڪاس لاءِ اسلام آباد موڪليون ٿا، اتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.

  ڳوٺ سڌير فقير جي رهواسي پورهيت مختيار مري جي ڇهن  ورهين جي نياڻي عروج کي پوليو وائرس جي شڪ تي  حيدرآباد جي پرائيوٽ اسپتال مان چيڪب ڪرايوويو، جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، جنهن بعد صحت کاتي سانگهڙ جي ٽيم پهچي ٻارڙي جا جزا حاصل ڪيا.

ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙي جو اسٽون چڪاس لاءِ اسلام آباد موڪليو ويندو جتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*