وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ترقياتي ڪمن بابت اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي لياري سميت مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ ۽ روڊن تي گاڏين جي پارڪنگ خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن دوران  شهر جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي.

 وڏي وزير  روڊن تي گاڏين جي پارڪنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته روڊن تي پارڪنگ جي اجازت نه ڏني وڃي.

 وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ايشين هاٿي آڻڻ ۽ اسٽيڊيم روڊ تي ساوڪ ڪرڻ سميت ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ جوهر چورنگي تي فلاءِ اوور تعمير ڪرڻ، ايندڙ مالي سال ۾ سمورو مهراڻ هاءِ وي ٺاهڻ ۽ ريگل چوڪ کي سينگارڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*