ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران پوليس جي زيادتين ۽ ناجائزين خلاف 9 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران پوليس جي زيادتين ۽ ناجائزين خلاف 9 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ايس يو پي ڪارڪنن ذوالفقار علي، ڪريم بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس شهر جو امن مان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي وئي آهي، پوليس رڳو شريف شهرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر اندر امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*