سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني کاتي جي عملدارن کي صوبي ۾ بند پيل اسڪول کولڻ  ۽ تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ جو هدايتون

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني کاتي جي عملدارن کي صوبي ۾ بند پيل اسڪول کولڻ  ۽ تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ جو هدايتون ڏنيون آهن

تعليم واري وزير جي صدارت هيٺ ٿيل پهرين اجلاس ۾ تعليم واري سيڪريٽري احسان منگي کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2012 ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جون پگهارون بند آهن.

تعليم واري وزير  سمورن اسڪولن ۽ اسٽاف جي ڊيٽا مڪمل نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بند پيل اسڪول فوري طور کولڻ جو حڪم ڏنو.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وڏي انگ ۾ اهڙا استاد آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن.

اجلاس دوران انڪشاف ٿيو ته پرائمري اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ پهرين گريڊ جي ماسي کي  19 هون گريڊ ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*