فروغ نسيم ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي سرعام ڦاهي واري بل جي مخالفت ڪري ڇڏي

قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سرعام ڦاهي ڏيڻ اسلامي تعليم ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ 1994 ۾ سرعام ڦاهي کي غير آئيني قرار ڏئي چڪي آهي.

ميڊيا رپورٽس  مطابق  قومي اسيمبلي مان ٻارن سان زيادتي ۽ قتل جي ڏوهارين کي سرعام ڦاهي جو ٺهراءَ منظور ٿيڻ تي قانون جي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سرعام ڦاهي غير آئيني آهي.

فروغ نسيم چيو ته سپريم ڪورٽ  چئي چڪي آهي ته سرعام ڦاهي  آئين سان گڏ شريعت جي به ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته قانون جي وزارت قانون،آئين ۽ شريعت جي خلاف ڪوبه قانون نه ٺاهيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*