وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وفاقي وزيرن کي بهتر قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وفاقي وزيرن کي بهتر قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي گذريل حڪومتن جي ڦر لٽ جو نتيجو آهي، ڪجهه به ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مهانگائي جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ حفيظ شيخ، علي زيدي، حماد اظهر  ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ کي بهتر قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته احساس پروگرام تحت غريب عوام کي راشن ڏنو وڃي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۽ غريبن جي بهتري لاءِ اقتدار ۾ آيا آهيون، عوام کي بهتر رليف فراهم ڪيو وڃي.

اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان چيئرمين يوٽلٽي اسٽور جي واکاڻ ڪندي چيو ته اٽي ۽ کنڊ جي بحران دوران يوٽلٽي اسٽور جِي سَيل ۾ 8 سئو سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*