ڪراچي ۾ زخمي حالت ۾ ملڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿيل  شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي ۾ زخمي حالت ۾ ملڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿيل  شخص جي سڃاڻپ ڪي پي مان 57 لک رپين جي ڦر ڪري ساٿين سميت فرار ٿيل جوابدار محمد حميد طور ٿي وئي، پوليس موجب  جوابدار  22 جنوري تي ڪي پي مان ڦر ڪرڻ بعد ساٿين سميت فرار ٿي ڪراچي پهتو، جتي کيس ساٿين ٻي ماڙ عمارت تان ڌڪو ڏنو.

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس کي زخمي حالت ۾ هٿ اچڻ بعد علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ محمد حميد طور ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته  فوتي جي سڃاڻپ ڪي پي مان 22 جنوري تي 57 لک رپيا ڦر ڪري ساٿين سميت ڪراچي فرار ٿيندڙ جوابدار  محمد حميد طور ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ڪي پي مان ڪرمنل رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو ته  جوابدار کي ڪراچي پهچڻ بعد سندس ساٿين عمارت تان ڌڪو ڏنو هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*