رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 15مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

رينجرز ڪراچي جي  مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران  15 مبينا ڏوهارين کي  گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب جوابدار منشيات فروشي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن.

رينجرز ڪراچي جي شاهه فيصل، ڪلري، ڪلا ڪوٽ، سعيد آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوڳران 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان موجب جوابدار منشيات فروشي، اسٽريٽ ڪرائيم سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي، جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*