سعيد غني چيو آهي ته آءِ جي تبديلي واري معاملي تي قانون کان وڌيڪ مشاورت ٿي آهي

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ جي تبديلي واري معاملي تي قانون کان وڌيڪ مشاورت ٿي آهي، پنجاب ۾ 5 آءِ جي تبديل ٿي چڪا آهن پر سنڌ ۾ آءِ جي چونڊيل حڪومت کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي، ڇا ڪنهن آفيسر کي اهو اختيار آهي ته ڪنهن چونڊيل حڪومت ۽ وزيرن خلاف سازش ڪري، اهڙي راويت قائم نه ڪئي وڃي جو ٻين صوبن ۾ به آفيسر چونڊيل نمائندن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪن.

حيدرآباد لائيو اسٽاڪ ايڪسپو  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته لائيو اسٽاڪ کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي.

آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري معاملي تي ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته آءِ جي تبديلي واري معاملي تي قانون کان وڌيڪ مشاورت ٿي آهي.

 پنجاب ۾ 5 آءِ جي تبديل ٿي چڪا آهن پر سنڌ ۾ آءِ جي چونڊيل حڪومت کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي.

سعيد غني چيو ته ڇا ڪنهن آفيسر کي اهو اختيار آهي ته هو ڪنهن چونڊيل حڪومت ۽ وزيرن خلاف سازش ڪري؟

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي تسڪين ٿيندي هوندي ته سنڌ حڪومت بيوس آهي پر  اهڙي راويت قائم نه ڪئي وڃي جو ٻين صوبن ۾ به آفيسر چونڊيل نمائندن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*