سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف شهرين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن  احتجاجي ريلي ڪڍي

سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف شهرين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن  احتجاجي ريلي ڪڍي.

  شهرين مهراڻ چوڪ کان پريس ڪلب تائين يونس راڄپر، خالد چانڊيو، قاري محمد اشرف ڀرٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته  سول اسپتال جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*