رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف

رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هلندڙ مهيني  اهم فيصلا ڪرڻ وارو آهي، مهانگائي جَي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪي فور منصوبي تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت منصوبي لاءِ 50 سيڪڙو رقم ڏيندي.

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، لياري جي عوام تبديلي لاءِ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو ، ليار ينوجونن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن.

اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ مهيني اهم فيصلا ڪرڻ وارو آهي، ڪي فور منصوبي تي ڪم جلد شروع ٿيندو، ترقياتي ۽ ڀلائي وارن ڪمن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*