ڳڙهي خيرو ويجهو بيگاري ڪئنال کي 100فوٽ گهارو

ڳڙهي خيرو ويجهو بيگاري ڪئنال کي 100فوٽ گهارو پوڻ کانپوءِ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، آبپاشي عملي 8 ڪلاڪن بعد گهاري واري هنڌ پهچي ڳري مشينري ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان گهارو بند ڪيو.

نوريز خان واري مقام وٽ بيگاري ڪئنال کي گهاري کانپوءِ پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل کي ٻوڙي تيزي سان ڳوٺن طرف وڌي ويو.

ڳوٺاڻن پاران  اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو 8 ڪلاڪن بعد گهاري واري هنڌ پهتو، عملي  ڳري مشينري ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان گهارو بند ڪيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملو ديرسان پهچڻ سبب سندن وڏو مقصان ٿيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*